اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته اسرائيلي فورسز جي هٿان معصوم فلسطنين جي قتل عام جو سلسلو جاري آهي، اسرائيلي فوج انسانيت جي خلاف ڏوهن جي مرتڪب ٿي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان اسرائيلي فوج پاران اتر غزه جي بيت لاهيا شهر تي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن ?? عورتن ۽ ٻارن جي شهادت ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان اسرائيل جي قدمن کي غزه جي ماڻهن جي خلاف ??نگي ڏوهه قرار ڏي ٿو. ترجمان شهرين جي وڌيڪ مارجڻ کي رو??ڻ جي لاءِ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي جمهوري حقن کي مسلسل دٻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارتي عملدارن ڪجهه ڏينهن اڳ ڄمون ۽ ڪشمير هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن تي پابندي هڻندي بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ميان قيوم کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ترجمان چيو ته ان کان اڳ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪشميرين کي سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ عيدگاهه ۾ عيد نماز جي لاءِ گڏ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي جڏهن ته ناليواري ڪشميري اڳواڻ مير واعظ ع??ر فاروق کي پڻ گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. هن چيو ته اهي جابراڻا قدم ڀارتي عملدارن جي آمراڻي طرز عمل جو هڪ ٻيو مثال آهن ۽ بنيادي آزادين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏريون ٿا ته اهي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن مو??ب ڪشميري عوام جي انساني حقن ۽ انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جو احترام ڪن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
اسرائيلي فورسز جي هٿان معصوم فلسطنين جي قتل عام جو سلسلو جاري آهي، اسرائيلي فوج انسانيت جي خلاف ڏوهن جي مرتڪب ٿي آهي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی