لاهور – 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قصور ۾ لڪي مروت دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فرا?? الياس جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن محمد فرا?? الياس جي م??ت کي ڪلهو پڻ ڏنو. جنازي نماز ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انسپيڪٽر جنرل پنجاب سميت ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ جوانن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم بعد ۾ ڪيپٽن فرا?? الياس شهيد جي پونئيرن تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيد جي ڳوٺ ??ي ماڊل وليج بڻائڻ جو اعلان ڪندي ڳوٺ ??ي فرا?? الياس شهيد جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قوم کي پنهنجي بهادر فرزندن تي فخر آهي، بزدل دهشتگرد امن قائم ڪرڻ جي اسان جي عزم کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ ڪنهن ڪنهن کي اهو عظيم مقام بخشي ٿو، قرآن مجيد ۾ فرمان آهي ته شهيد کي مرده نه چئو، اهي زندهه آهن، شهيد ڪيپٽن فرا?? الياس پنهنجي خاندان جي مغفرت جو سبب بڻجندا. هن چيو ته پاڪ فوج جي هزارين جوانن جانين جا نذرانا پيش ڪيا، آئون يقين ڏياريان ٿو ته شهيد جي عظيم قرباني رائيگان نه ويندي، شهيد جو رت ضرور رنگ لائيندو. محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ جي خاطر جان ڏيندڙن جي قرانين کي وساري نه ٿو سگهجي، پاڪ زمين تان دهشتگردن کي ختم ڪري ئي سک جو ساهه کڻن??اس??ن. بعد ۾ لڪي مروت حملي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪيپٽن محمد فرا?? الياس جي مڪمل فوجي اعزاز سان تدفين ڪئي وئي. وزيراعظم شهيد جي قبر تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي، قبر تي گل چاڙهيا ۽ شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. قصور جي ڳوٺ راءِ ڪلان سان تعلق رکندڙ 26 سالن ??ي شهيد ڪيپٽن محمد فرا?? الياس لڪي مروت ويجهو فرضن جي ادائيگي دوران آءِ اي ڊي حملي ۾ جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي شهادت ماڻي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران شهيد ڪيپٽن محمد فراز الياس جي جنازي نماز ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ