اسلام آباد -10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف، رمضان پئڪيج جو ڳاڻيٽو ساڍا 7 ارب رپين مان وڌائي ساڍا 12 ارب رپيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم رمضان رليف پئڪيج جو ڳاڻيٽو وڌائڻ کان علاوه ان جو دائرو به وسيع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. يوٽيليٽي اسٽورز ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سان گڏوگڏ موبا??يل يونٽس به سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وڌ کان وڌ غريب، مسڪين ۽ حقدار ماڻهن تائين رمضان رليف پئڪيج پهچايو وڃي، شروعاتي طور 1200 موبا??يل پوائنٽس ۽ 300 مستقل پئڪيج رليف مرڪز قائم ڪيا پيا وڃن. په??ين رمضان کان رمضان جي پڄاڻي تائين رليف پئڪيج تحت عام بازار کان گهٽ قيمت تي شيون فراهم ڪيون وينديون.طئي ڪيل هنڌن کان علاوه ٽرڪون مختلف ع??ائقن ۾ غريب عوام کي سستيون شيون پهچائينديون. هنڌ جو تعين جديد ٽيڪنالاجي جي پي ايس جي مدد سان ڪيو ويندو. موبا??يل ??يپ جي استعمال جي رهنمائي لاءِ خصوصي ويڊيو جاري ڪيا ويندا. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان هلندڙ ڊيش بورڊ تيار ڪيو پيو وڃي ته جيئن موبا??يل اٽي جي وڪري جي نگراني ٿي سگهي. موبا??يل يونٽس جي هڪ ٻئي هنڌ تي منتقلي دوران اٽي جي فراهمي جو عمل جاري رکيو ويندو موبا??يل ۽ لائيو فوٽيج سان اٽي جي ورهاست جي مسلسل نگراني ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف 7 مارچ 2024ع تي ساڍا 7 ارب رپين جي سبسڊي سان رمضان رليف پئڪيج جو اعلان ڪيو هو. 3 ڪروڙ 96 لک ڪٽنبن کي رمضان المبارڪ دوران سستي اگهه تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون وينديون. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت اٽو، چانور، گيهه، کنڊ، شربت، کير مارڪي?? ريٽ کان گهٽ قيمت تي فراهم ڪيو ويندو. رمضان پئڪيج تحت حقدار ماڻهن کي بازار کان 30 سيڪڙو گهٽ قيمت تي کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون وينديون. اٽي تي في ڪلو 77 رپيا ۽ گيهه تي 100 رپيا في ڪلو سبسڊي ڏني ويندي.
وزيراعظم جي رمضان رليف پئڪيج جو ڳاڻيٽو ساڍا 7 ارب رپين کان وڌائي 12 ارب رپيا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ