اسلام آباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي و??ير مدد علي سنڌي پنجاب ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي سب ڪيمپس جي تعمير ۾ غير معمولي دير جو سخت نوٽيس وٺندي 4 جنوري تائين انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وفاقي و??ير ايڇ اي سي جي ايڊوائيزر پلاننگ ۽ قائداعظم يونيورسٽي جي پي اينڊ ڊي جي ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي. هن چ??و ته اهڙي طرح جي دير اسان جي نوجوانن جي تعليمي سفر ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. هن ايڇ اي سي ۽ قائداعظم يونيورسٽي کي حڪم ڏنو ته هو ان بات سمورن التوا ۾ پيل مسئلن کي ??وري طور تي حل ڪن ۽ ڪيمپس جي جلد تعمير کي ??قيني بڻائڻ لاءِ پنجاب حڪومت سان وڌيڪ تعاون ڪن. هن چ??و ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته لاڳاپيل کاتن کي ??اڪاره ۽ غير موثر انتظام لاءِ جوابده بڻايو وڃي. مدد علي سنڌي قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد جو اوچتو دورو ڪيو، هن هاسٽلز جو دورو ڪيو ۽ چيو ته هاسٽلز جي موجوده حالت رحم جوڳي آهي، هن سهولتن جي ناقص سارسنڀال تي روشني وڌي، شاگردن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ ناڪافي تعليمي سهولتن جهڙوڪ انٽرنيٽ جي دستيابي بابت پنهنجي درخواست تي روشني وڌي. نگران وفاقي و??ير صورتحال جو نوٽيس وٺندي فوري طور تي هاسٽلز جي بحالي جو حڪم ڏنو، هن چ??و ته شاگرد ان وقت تائين تعليم نٿا حاصل ڪري سگهن جيستائين کين بنيادي سهولتون ميسر نه هجن. هن چ??و ته جيڪڏهن شاگردن کي اهڙي طرح جي مسئلن کي ??نهن ڏيڻو پوي ته انهن لاءِ پنهنجي پڙهائي تي ڌيان ڏيڻ ناقابل تصور آهي. هن شاگردن کي خاطري ڪرائي ته هو هاسٽلز جي حالت کي ??وري طور تي بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏيندو، هن چ??و ته اهڙن مسئلن کي جنگي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي انهن مسئلن جي فوري حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پنجاب ۾ قائداعظم يونيورسٽي جي سب ڪيمپس جي تعمير ۾ دير جو نوٽيس ورتو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج