لاهور– 17 نومبر (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته نگران وفاقي حڪومت فني تعليم جي تريق لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسان کي پنهنجون سموريون صلاحيتون عوامي ڀلائي لاءِ ڪتب آڻڻ گهرجن. ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ فني تعليم کان سواءِ اسان وٽ ڪا ٻي واٽ ناهي بچي. هو ورچوئ?? يونيورسٽي ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيچنگ ٽريننگ ڪميشن (نيوٽڪ) وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي ريڪٽر ورچوئ?? يونيورسٽي آف پاڪستان پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ۽ نيوٽڪ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد عامر جان معزز مهمان جي موجودگي ۾ يادداشت تي صحيحون ڪيون. تقريب ۾ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت جي عملدارن سميت ورچوئ?? يونيورسٽي ۽ نيوٽڪ انتظاميه ش??ڪت ڪئي. نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ فني تعليم جي ترقي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان چاهيون ٿا ته نيوٽڪ ۽ ورچوئ?? يونيورسٽي گڏجي فني تعليم جو دائرو هر ننڍي و??ي وسندي تائين کڻي و??ن.
نگران وفاقي حڪومت فني تعليم جي تريق لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي: مدد علي سنڌي جو ورچوئل يونيورسٽي ۾ تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری