برسلز – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين پارلياماني تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ان حوالي سان مفاهمت پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني کر ۽ يورپي يونين ڏکڻ ايشيا بابت وفد جي م??ڪن سان لاڳاپن جي سربراهه نڪولا پروڪاسيني جي وچ ۾ برسلز ۾ ملاقات دوران طئي ٿي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير حنا رباني کر زور ڏنو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ استحڪام عالمي امن جي لاءِ لازمي آهي، مملڪتي وزير ڏکڻ ايشيا بابت ٽريڊ مانيٽرنگ جي نمائندي ۽ انساني حقن جي سب ڪميٽي جي م??مبر ڪراميڪس سان پڻ نتيجاخيز خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن يورپي پارليامينٽ جي نائب صدر ۽ نئ??ن جي ايس پي پلس ??ي نمائندي هيڊي بائوتالا سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته جي ايس پي پلس پائيدار ت??قي جي هدفن جي لاءِ هڪ موثر ذريعو آهي. ان جو پاڪستان ۽ يورپي يون??ن جي وچ ۾ واپار خاص طور تي نوڪر??ن جي م??قعن، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ٺوس ت??قي تي تمام گهڻو اثر پوي ٿو. حنا رباني کر انٽرنيشنل ٽريڊ ڪميٽي جي سربراهه برنڊ لينج سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ايندڙ جي ايس پي پلس ??سڪيم ۽ پاڪستان جي م??قف تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. انساني حقن جي ذيلي ڪميٽي جي وائيس چيئرمين يورپي پارليامينٽ برنارڊ گوئٽا سان ملاقات ۾ مملڪتي وزير کيس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين بابت آگاهه ڪيو ۽ يوڪرين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين مستقبل ۾ رابطا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ يورپي يونين پارلياماني پاران تعاون وڌائڻ تي اتفاق، مملڪتي وزير حنا رباني جون يورپي يونين جي عهديدارن سان ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن