اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف 6 سيپٽمبر جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي بهادر فوج پنهنجي عقيدي ۽ مضبوط ارادي سان ا?? کان 57 سال اڳ رات جي اونداهي ۾ پاڪ سرزمين تي حملو ڪندڙ پاڻ کان وسيلن ۽ سگهه ۾ چنئوڻ تي وڏي دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا، پوري قوم ا??هن شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي، اڄ سيپٽمبر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر قوم پنهنجي ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ انهي جذبي سان هڪ جان ۽ ٻه دل بڻجي وئي آهي. وزيراعظم پاڪ فوج جي بهادر سپوتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ موجود ??اڪ??تان مانومينٽ ۾ يادگار شهداءِ تي گلن جي چادر چاڙهڻ کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پوري قوم اڄ پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري رهي آهي جن ا?? کان 57 سال اڳ ??اڪ??تان تي رات جي اونداهي ۾ دشمن جي بزدلاڻي حملي تي لااله الاالله جو ورد ڪندي دشمن جو دليري سان مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي رت سان ??اڪ??تان جي سرحدن جي حفاظت ڪئي. هن چيو ته اسان جي ا??هن شهيدن ۽ غازين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري دشمن جي مڪار حملي کان ??اڪ??تان جي سرزمين کي بچايو، ڌرتي جي هڪ هڪ انچ جي پنهنجي جان کان وڌيڪ حفاظت ڪئي، دشمن جا ڏند کٽا ڪرائي ڇڏيا. وزيراعظم چيو ته اڄ ٻيهر ٻوڏ کان متاٿر ماڻهن جي مدد لاءِ پوري قوم هڪ جان ۽ ٻه دلي آهي، نه ڪو پنجابي، نه سنڌي، نه پٺاڻ، نه بلوچي، نه بلتي ۽ نه ڪشميري اهي پر مسلمان ۽ ??اڪ??تاني هر طرح سان هڪ لڙي ۾ پڻجي چڪا آهن. هن برسات ۽ ٻوڏ جو ڏي??هن رات مقابلو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ??اڪ??تان جي تاريخ ۾ ايتري وڏي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ناهي ڏٺي، سڄي قوم، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، هٿياربند فوج ۽ عوام گڏجي ان جو مقابلو ڪري رهيا آهن، ڏکويل انسانيت جو هٿ پڪڙي رهيا آهن، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن ان دوران پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. متاثرين کي محفوظ جڳهه تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڏي??هن رات هڪ ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏي??هن هو ميجر عزيز ڀٽي شهيد، ميجر شبير شريف شهيد، سڪوارڊن ليڊر سرفراز احمد رفيق شهيد، ميجر ضياءَ الدين عباسي شهيد سميت هر ان شهيد ۽ غازي کي سلام پيش ڪريون ٿا جن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندي ملڪ جي چپي چپي جو دفاع ڪيو، قربانين جي اها عظيم داستان رهندي دنيا تائين ياد رکي ويندي. هن چيو ته الله جي مدد ۽ نصرت سان ??اڪ??تان دنيا ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو.
بهادر فوج رات جي اونداهي ۾ دشمن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن