اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻيلن ۾ اضافي سان پائيدار ترقي جي فروغ، ملڪ کي ماحول دوست بڻائڻ ۽ ايندڙ نسلن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. قومي چوماسي وڻڪاري مهم شروع ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ??وس??ياتي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافو دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهرجڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهيو آهي. پاڪستان جو ماحولياتي نظام به ??وس??ياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري خطري ۾ ورتل آهي. هڪ تازي رپورٽ موجب پاڪستان ??وس??ياتي تبديلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ اٺون ملڪ آهي. پاڪستان، فلپائن ۽ هيٽي جهڙن ملڪن کي اڪثر قد??تي آفتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. پاڪستان کي عالمي حدت ۽ ??وس??ياتي تبديلين جي ڪري اٽڪل هر سال ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ اربين رپين جو نقصان به برداشت ڪرڻو پوي ٿو. هن چيو ته هڪ اندازي موجب گذريل 19 سالن ۾ پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي سان واڳيل 173 واقعن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هن سال به پاڪستان کي ٻوڏ صورتحال ۽ برساتن جي ڪري تباهي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٻين قدمن کانسواءِ وڌ کان وڌ وڻ لڳائڻ ۽ وڻڪاري مهم سان پاڪستان جي قد??تي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ عالمي حدت جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته ??المي معيار موجب ڪنهن به ملڪ جي ٻيلن جي ايراضي اتڪل 25 سيڪڙو هجڻ گهرجي جڏهن ته ??المي بئنڪ جي سال 2020ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ ٻيلن جي ايراضي اٽڪل 4.8 سيڪڙو آهي. اسان کي پاڪستان ۾ وڌ کان وڌ ٻيلا لڳائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششون ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻي پوندي.
صدر پاران ملڪ گير وڻڪاري جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت