اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي هز هائينس آغا خان کي اسماعيلي برادري جي امامت جا 65 سال مڪمل ٿيڻ ت?? دلي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اسماعيلي برادري جي اڳواڻ آغا خان جي نالي خط ۾ چيو آهي ته توهان جي دورانديش قيادت ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ عوامي خدمتن ۽ ڀلائي جي شعبي ۾ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. صدر چيو ته آئون ۽ پاڪستاني عوام ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ توهان پاران ڪيل ڪوششن تي ٿورا مڃون ٿا. صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ توهان کي ماڻهن جي وڌيڪ خدمت ڪرڻ جو ح??صلو ۽ توفيق ڏي.
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار