اسلام آباد – 05 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ۽ سينيٽر فيصل ??اويد چيو آهي ته پاڪستان تاريخي لمحن مان گذري رهيو آهي، حق ۽ باطل وچ ۾ فيصلائتي گهڙي اچي چڪي آهي. سڄي قوم جون نگاهون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته عدالت سڳوري سمورين شاهدين کي ڏسي ڪري هميشه جيئان عوام سان انصاف ڪندي. عدالت سڳوري جيڪو به فيصلو ڪندي ان جو احترام ڪنداسين، اسان هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي ۽ ڪندا رهنداسين. اهڙو اظهار هن سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽر فيصل ??اويد چيو ته 27 مارچ تي عمران خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ اسلام آباد ۾ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪيو، عوام حق جو ساٿ ڏنو ۽ باطل کي رد ڪيو. هن چيو ته اپوزيشن وارن پاڪستان ۽ عمران خان خل??ف سازش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندن غداري نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ ثابت آهي، اسان جا ڦري ويل ميمبر به ان سازش ۾ شامل آهن. جن پنهنجي ضمير جو سودو ڪيو. سينيٽر فيصل ??اويد چيو ته اپوزيشن بار بار چئي رهي هئي ته اليڪشن ڪرايو ۽ هاڻي هي ماڻهو اليڪشن کان فرار ڇو ٿي رهيا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پارلياماني بورڊ جي گڏجاڻي سڏائي وئي آهي، ٽڪيٽن لاءِ درخواستون به طلب ڪري رهيا آهيون، اسان نئين اليڪشن جي تياري طرف وڃي رهيا آهن. پيپلز پارٽي، (ن) ليگ، جي يو آءِ (ف) ۽ ٻين سياسي پارٽين مان ڪيترائي ماڻهو پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪندا. عليم خان جي الزامن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عليم خان بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳايا. تحريڪ انصاف ۾ هوندي کيس اهي ڳالهيون ڇو نه ??اد آيون پارٽي ڇڏڻ بعد عليم خان کي اهي ڳالهيون ياد آيون آهن. الزام اشوز تي هوندا آهن ذاتيات تي لهڻ ٺيڪ ناهي، عمران خان جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني ناهي. ڪم ظرف ماڻهو ذاتيات تي ڳالهائيندا آهن. سينيٽر فيصل ??اويد چيو ته روزاني جي بنياد تي احتجاج ٿي رهيا آهن، عمران خان جي حياتي کي خطرو آهي.
پاڪستان تاريخي لمحن مان گذري رهيو آهي، حق ۽ باطل وچ ۾ فيصلائتي گهڙي اچي چڪي آهي، سڄي قوم جون نگاهون سپريم ڪورٽ تي آهن: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2