اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو، افغانستان ۾ پاڪستان جي مدد سان تعمير ٿيندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطي ۾ تعاون ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزي??اع??م چيو ته پاڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ افغان شاگرد افغانستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائيندا. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته انهن جي لاءِ وظيفا جاري رکيا وڃن ۽ سمورا ضروري وسيلا دستياب ڪيا وڃن. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي امڪانن جي حوالي سان وزي??اع??م چيو ته پاڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو ۽ حڪومت پاران مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ پاڪستان جي مدد سان تعمير ڪئي ويندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطا قائم ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو. ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي قومي سلامتي واري صل??حڪ??ر ڊاڪٽر معيد يوسف افغانستان جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وزي??اع??م لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي افغان عوام جي امداد جي لاءِ اعلان ڪيل منصوبن ۽ واعدن تي تيزي س??ن عمل ڪن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، اعظم خان سواتي، شيخ رشيد احمد، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صل??حڪ??ر ڊاڪٽر معيد يوسف، وزي??اع??م جي واپار واري صل??حڪ??ر عبدالرزاق دائود، وزي??اع??م جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ا??ليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.
پاڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي اولين ترجيح ڏي ٿو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں