اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، اسان وچ ا??شي?? ويزن تحت وچ ا??شي??ئي رياستن سان پائيدار ۽ نتيجا خيز لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن ترڪمانستان جي پنهنجي هم منصب راشد ميرودوف سان ڳالهائيندي چئي جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳا??ن، علائقائي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ترڪمانستان وچ ا??شي?? جو اهم ملڪ هجڻ جي ناطي پاڪستان جي لاءِ خاص اهميت رکي ٿو. ترڪمانستان جي ??وا?? ۽ قيادت کي مستقل غيرجانبداري جا 25 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اسان وچ ا??شي?? ويزن تحت وچ ا??شي??ئي رياستن سان پائيدار ۽ نتيجا خيز لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.
پاڪستان تاپي گئس پائيپ لائين منصوبي جي جلد مڪمل ٿيڻ جي لاءِ پرعزم آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں