اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جو عزم اظهار ڪندي چيو آه?? ته ملڪي مفاد ۾ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي عنصر آه??. اهڙن خيالن جو اظهار اربع تي چ??ن پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، علي زيدي، حماد اظهر، وزيراعظم جو ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ جي باري ۾ وزيراعطم جو خاص مدد??ار خالد منصور ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سي پيڪ بابت خاص مدد??ار خالد منصور اجلاس ۾ سي پيڪ بابت منصوبن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران چيو ته سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي آزمايل آه??، حڪومت سي پيڪ منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآم?? کي انتهائي ترجيح ڏيندي آه??، هن چيو ته ملڪي مفاد جي وڌ کان وڌ حاصل لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل ضروري آه??، هن چيو ته حڪومت سي پيڪ معاهدن تي عملدرآمد لاءِ پرعزم آه??.
ملڪي مفاد ۾ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي عنصر آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر