اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته نئين گهڻ ماڙ هائوسنگ يونٽس جي فوري تعمير جي لاءِ ضروري قانونن کي جلد کان جلد لاڳو ۽ وفاقي حڪومت جي ملازمن جي لاءِ بهترين معيار جي رهائشي يونٽس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن امڪاني قدمن کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم عمران خان پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊيپارٽمينٽ (پي ڊ??لي?? ڊي) بابت معاملن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر ملازمن کي بهترين رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي ڪاربند آهي. ان مقصد جي لاءِ پي ڊ??لي?? ڊي کي هڪ سمارٽ ۽ موثر تنظيم ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو وفاقي حڪومت جي سمورين هائوسنگ يونٽس جي مناسب سارسنڀال کي يقيني بڻائين. هن اها به هدايت ڪئي ته نئين عمودي هائوسنگ يونٽس جي فوري تعمير جي لاءِ ضروري قانونن کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي. وفاقي حڪومت جي ملازمن جي لاءِ بهترين معيار جي رهائشي يونٽس جي فراههمي کي يقيني بڻائن لاءِ سمورن امڪاني قدمن کي استعمال ۾ آندو وڃي، اجلاس ۾ هائوسنگ و??ري وزير چوڌري طارق بشير چيمه، منصوبابندي و??ري وزير اسد عمر?? ناڻي و??ري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، هائوسنگ و??ري پارلياماني سيڪريٽري تاشقين صفدر، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرم??ن ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران نئين گهڻ ماڙ هائوسنگ يونٽس جي فوري تعمير جي لاءِ ضروري قانونن کي جلد کان جلد لاڳو ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب