اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ت?? افغانستان کي ??ڪيلو نه ڇڏيو وڃي، اسان کي ??فغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، دنيا جي گڏيل ڪوششن سان ئي اسان افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ نائن اليون، نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيندڙ بدترين واقعي جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، افغانستان جي ڪهاڻي 20 سال پراڻي نه آهي پر اها 40 سال پراڻي آهي، 1979ع ۾ جڏهن يو ايس ايس آر ڪابل تي حملي جو فيصلو ڪيو ته هن خطي ۾ هڪ تڪرار ??نم ورتو، 1988ع ۾ جنگ ختم ٿي ته اولهه کي ??فغانستان جي مدد ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو ۽ پاڪستان کي ??ن سڄي معاملي ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو. هن چيو ته پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود اسان اٽڪل 5 ملين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي مدد ڪرڻ بدران پريسلر ترميم ذريعي پاڪستان تي معاشي پابنديون هنيون ويون، ان دور ۾ اسان افغانستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. چوڌري فواد حسين چيو ته رڳو پاڪستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات افغانستان جي مدد ڪئي پر بدقسمتي سان دنيا افغانستان جي ماڻهن کي ??ڪيلو ڇڏي ڏنو جيڪو تباهي جو سبب بڻيو ۽ افغانستان دهشتگر?? تنظيمن جو ڳڙهه بڻجي ويو. هن چيو ته نائن اليون واقعي کانپوءِ آمريڪا افغانستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان دنيا سان گڏ بيٺل رهيو، اها جنگ هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان جي ماڻهن جي لاءِ تباهي جو سبب بڻي. هن چيو ته 2007ع، 2015ع ۽ 2019ع ۾ اسان بار ??ار چيو ت?? افغانستان ۾ فوجي حل بدران سياسي حل طرف وڃڻ گهرجي، بدقستمي سان پاڪستان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ان جو آواز نه ٻڌو ويو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر مشورو آهي ت?? افغانستان کي ??ڪيلو نه ڇڏيو وڃي، سڄي دنيا جي انتهاپسن?? تنظيمن کي ??فغانستان ۾ پناهه وٺڻ جي اجازت نه هجي، ان جي لاءِ اسان کي ??فغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي ??فغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، افغانستان ۾ بهادر مردن ۽ عورتن ڊگهي عرصي تائين قربانيون ڏنيون هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا کي ??نسانيت سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ت?? افغانستان جي موجوده صورتحال افغانستان ۾ استحڪام جو هڪ موقعو آهي، اسان ڪابل ۾ ڦاٿل پرڏيهي شهرين کي ڪابل ??ان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، پي آءِ اي سوين ماڻهن کي ??نخلا ۾ مدد فراهم ڪئي، اسان انٽرنيشنل ميڊيا کي نه رڳو ڪابل ??ان ڪڍيو پر افغانستان ۾ ڪوريج جي لاءِ سفر جي سهولت پڻ ڏني، اسان جي پاليسي آهي ته اسان افغانستان ۾ اٿارٽيز سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان افغانستان جي ماڻهن کي ??ڪيلو نه ٿا ڇڏڻ چاهيون. هن چيو ته دنيا جي گڏيل ڪوششن سان اسان افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي.
افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، اسان کي افغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان