اسلام آباد – 18 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي فلاحي اسلامي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جنهن معاشري ۾ انصاف ۽ انسانيت هجي اتي برڪت ۽ خوشحالي هوندي آهي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي صحت سهولت ڪارڊ جاري ڪرڻ سان ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪسمير ۾ رهندڙ ڪشميرين کي خ??ر پوندي ته اسان ڪيئن ڪشميرين کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون جڏهن ته ٻئي طرف والاريل ڪشمير ۾ فاشسٽ ۽ غاصب حڪومت ??ابض آهي. وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير ۾ صحت سهولت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي موقعي تي خ??اب ڪندي چيو ته جڏهن مون پنهنجي گهر ۾ ڪي??سر جو مرض ڏٺو ته مون کي خ??ر پئي ته ان جو علاج ڪيترو مهانگو آهي، ان جي لاءِ ملڪ ۾ ڪا اسپتال موجود نه هئي، جيڪڏهن اسپتال موجود به هجي ها ته اهو علاج ايترو مهانگو هو جو ڪو غريب ماڻهو علاج نه ڪرائي سگهي ها، ان کانپوءِ مون 10 سال جدجهد ڪئي ۽ ڪي??سر جي اهڙي اسپتال ٺاهي جتي غريب مريض آيا ته انهن کي اهو خوف ??ه هو ته پئسا نه هجڻ جي ڪري يا علاج مهانگو هجڻ جي ڪري ان جو علاج نه ٿيندو، ان ڪي??سر اسپتال جي تعمير سان سڀ کان وڏي خوشي اها هئي ته هتي اهڙن ماڻهن علاج مفت ٿيندو هو ۽ انهن کي اها ئي سهولت ملندي هئي جيڪا پئسا ڏئي علاج ڪرائيندڙن کي ملندي آهي ان ۾ ڪو فرق نه ٿو ڪي?? وڃي.
پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II