واشنگٽن-10 جنوري(اي پي پي)دنيا جي امير ترين شخص ايلو?? مسڪ جرمني جي کاٻي ڌر جي پارٽي الٽرنيٽيو فار جرمني (اي ايف ڊي) لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب هڪ ڀيرو ٻيهر يورپي سياست ۾ مداخلت ڪندي ايڪس تي لائيو اسٽريم دوران ايلو?? مسڪ اي ايف ڊي جي اڳواڻ ايليس?? وائڊل جي حمايت ڪئي آهي. ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي سربراهه ۽ نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اتحادي ايليس?? وائڊل سان ڳالهين دوران چيو ته صرف اي ايف ڊي جرمني کي بچائي سگهي ٿي. هن چيو ته ماڻهن کي اهڙي سياسي پارٽي جي حمايت ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ جرمني ۾ حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون. ايلو?? مسڪ گذريل سال ڊونلڊ ٽرمپ کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ لاءِ پنهنجي اثر رسوخ ۽ دولت جو استعمال ڪيو هو ۽ هاڻي 23 فيبروري تي جرمني ۾ وقت کان اڳ ٿيندڙ چونڊن ۾ اي ايف ڊي لاءِ آواز اٿاري رهيو آهي. واضع رهي ته هن ايلسي?? وائڊل کي مشهور شخصيت قرار ڏيندي جرمن وو??رز کي تجويز ڏني ته اي ايف ڊي کي ووٽ ڏين. اي ايف ڊي 2013 ۾ قائم ٿي هئي ۽ اڳوڻي ڪميونسٽ اوڀر جرمني جي مشهور سياسي پارٽي هئي.چونڊن کان اڳ ان پارٽي کي اٽڪل 20 سيڪڙو جي سرسي حاصل آهي جڏهن ته ٻين سياسي پارٽين ان کي اتحادي پارٽنر طور رد ڪري ڇڏيو آهي. جرمني جي گهرو انٽيليجنس سروس،اي ايف ڊي کي کاٻي ڌر جي انتها پسند تنظيم سمجهي ٿي.جرمن چانسلر اولاف شولز ۽ برطانوي ڪيئر اسٽارمر سميت يورپ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي يورپ ۾ ايولو?? مسڪ خلاف شديد ڪاوڙ موجود آهي.
ايلون مسڪ پاران جرمني جي کاٻي ڌر جي پارٽي اي ايف ڊي جي حمايت جو اعلان
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری