سڊني – 21 مارچ (اي پي پي) آسٽريليا چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪريڊٽ ڪارڊ جي فراڊ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، 23-2022 دوران ڪريڊٽ ڪارڊ جو فراڊ ڪندڙن آسٽريلوي شهرين کان اربين ڊالر ڦري ورتا. شنهوا آسٽريليا جي انگن اکرن واري اداري جي رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته 2023 د??ران 15 سال يا ان کان وڌي عمر جا 18 لک ماڻهو ان جو شڪار ٿيا، ان عرصي دوران شهرين کي 2.2 ارب آسٽريلين ڊالر (1.4 ارب آمريڪي ڊالر) جو نقصان برداشت ڪرڻو پي??. ا??هن متاثرن مان هڪ ڀاڱي ٽي جو نقصان 100 آسٽريلوي ڊالر کا?? گهٽ جڏهن ته 17.8 سيڪڙو کي 1000 آسٽريلوي ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان برداشت ڪرڻو پي??. انگن اکرن مطابق 54-45 سالن جي عمر جي ماڻهو ۾ ڪارڊ فراڊ جو شڪار ٿيڻ جي شرح سڀني کان وڌيڪ 11.5 سيڪڙو هئي، ان کانپوءِ 44-35 ۽ 64-55 سالن جي عمر جا ماڻهو هئا. 24-15 سالن جي عمر جي ماڻهن ۾ ڪارڊ فراڊ جي شرح 3.9 سيڪڙو رهي.
آسٽريليا ۾ ڪريڊٽ ڪارڊ فراڊ ڪندڙن آسٽريلوي شهرين کان اربين ڊالر ڦري ورتا
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی