اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ”دي اڪانومسٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو. دي اڪانومسٽ ۾ مبينا طور تي عمران خان جي حوالي سان شايع ٿيندڙ مضمون جي حوالي سان سماجي را??طي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته ”دي اڪانومسٽ“ جي ايڊيٽر کي م??ينا طور تي عمران خان پاران لکيل آرٽيڪل بابت لکيو ويندو. هن چ??و ته اها ڳالهه حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته ميڊيا جي هڪ معزز اداري هڪ اهڙي م??ڻهو جي نالي سان مضمون شايع ڪيو جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٿي چڪي آهي. هن چ??و ته اخلاقي م??يارن کي برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي فروغ ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته اسان ڄاڻڻ چاهينداسين ته ”دي اڪانومسٽ“ پاران مضمون ڇپجڻ جي حوالي سان اداراتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو؟ مواد جي قانوني حيثيت ۽ اعتبار جي حوالي سان ڪهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو؟ هن چ??و ته ڇا ”دي اڪانومسٽ“ دنيا جي ڪنهن ٻئي ??صي مان جيل ۾ بند سياستدانن جا گهوسٽ آرٽيڪل شايع ڪيا آهن?? اطلاعات ۽ پارلياماني م??املن واري نگران وفاقي وزير چ??و ته جيڪڏهن جيل ۾ بند ڏوهاري ميڊيا کي لکڻ جي لاءِ آزاد هجن ته اهي پنهنجي هڪطرفي شڪايتن کي نشر ڪرڻ جي لاءِ سدائين ان موقعي جو استعمال ڪن ها.
”دي اڪانومسٽ“ آڏو عمران خان جي گهوسٽ آرٽيڪل جي ڇپجڻ جو معاملو اٿاريو ويندو: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ