ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو ڪيو ۽ گذريل ڏينهن جي بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زخمي س??ڪيورٽي اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي جوانن جي جذبي کي ساراهيندي نگران وزيراعظم چيو ته اهڙي قوم جي فتح يقيني آهي جنهن جا اهڙا بهادر آفيسر ۽ فوجي ج??ان هجن جيڪي پنهنجي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهش??گر??ي جي لعنت جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ الله رب العزت جي مدد ۽ عوام جي طاقت سان دهش??گر??ي کي هر شڪل ۽ روپ ۾ شڪست ڏيندي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستاني هڪ بهادر ۽ مضبوط قوم آهي ۽ اسان جي فوج دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ان??ن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي، خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي ۽ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هئا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جو ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو، بم ڌماڪي جي زخمين جي عيادت
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس