اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري اڳوڻي و??اقي وزير ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پالي??ي جاري ڪرڻ تي خوشي آهي. وفاقي ڪابينا گذريل ڏينهن 9 آگسٽ تي پنهنجي الوداعي اجلاس ۾ ميوزڪ پالي??ي جي منظوري ڏني. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري اڳوڻي و??اقي وزير چيو ته ميوزڪ پالي??ي جون نمايان خصوصيتون پاڪستان جي موسيقي جي عظيم ورثي جو تحفظ، موسيقي جي موجوده منظرنامي جي ترويج ۽ ترقي ۽ قانوني فريم ورڪ جي ذريعي ميوزيڪل ورڪ جو تحفظ شامل آهي، جيڪو فنڪارن جي لاءِ استعمال ۾ آسان، لاڳو ڪرڻ ۾ جامع ۽ ٽيڪنيڪي ترقي موجب آڻڻ جي قابل آهي. مريم اورنگزيب انهن سڀني ماڻهن جا ٿورا مڃيا جن ان تاريخي پاليسي ۾ تعاون ڪيو، جن ۾ فنڪار، وڪيل ۽ اطلاعات واري وزارت جا عملدار شامل آهن. اڳوڻي و??اقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪابينا جا به ٿورا مڃيا جن ان پالي??ي جي منظوري ڏني ۽ ان کي حقيقت بڻائڻ ۾ مدد ڪئي.
اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان پنهنجو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي پهرين ميوزڪ پاليسي جاري ڪرڻ تي خوشي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات