اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) ڊائريڪٽوريٽ جنرل پبلڪ ريليشنز (ڊي جي پي آر) لاهور جي هڪ وفد ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل جي سربرا??ي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊيمپ) جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا ماني??رن?? جي جديد نظام ۽ طريقيڪار بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ماني??رن?? جي حوالي سان ٽيڪنيڪل معاملن ۽ تجربن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊيمپ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طارق محمود ڊي جي پي آر جي وفد کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز بابت ??ري??نگ ڏني. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن، ڊائريڪٽر انفارميشن ڊي جي پي آر راولپنڊي محمد اويس، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ ٽي شاهد نواز ۽ انفارميشن آفيسر ظهير احمد پڻ موجود هئا. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل ڊيمپ ڊاڪٽر طارق محمود چيو ته اليڪٽرانڪ ميديا جي ماني??رن?? عوامي مسئلن کان آگاهي ۽ حڪومتي پاليسين جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي لاءِ انتهائي لازمي آهي ڇو ته وقت سان گڏوگڏ ميڊيا چينلز جي اهميت ۽ عوامي پذيرائي ۾ خاطرخواهه اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي اداري ڊيمپ ۾ قومي اليڪٽرانڪ چينلز جي 24 ڪلاڪ ٽن شفٽن ۾ ماني??رن?? ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته عالمي ٽي وي چينلز جي ماني??رن?? جي حوالي سان پڻ هڪ منصوبي تي ڪم ڪيو پيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي حوالي سان سڌوسنئون ۽ ملڪي پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان جيڪو به مواد نشر ڪيو وڃي ٿو ان کان آگاهي حاصل ڪري سگهجي. ڊائريڪٽر ڊيمپ نگهت احسن اليڪٽرانڪ ميڊيا ماني??رن?? جي حوالي سان ڊي جي پي آر جي صلاحيت کي ساراهيندي چيو ته پنجاب حڪومت ۽ وفاق جي وچ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ماني??رن?? جي حوالي سان باقاعده رابطو اهم قدم آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ماني??رن?? هڪ تيز رفتار عمل آهي جنهن جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ۽ ڊيٽا شيئرنگ جو عمل انتهائي اهميت رکندڙ آهي ڊي جي پي آر جي ڊائريڪٽر اليڪٽرانڪ ميديا راڻا سهيل چيو ته ڊي جي پي آر پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبائي اڪائي ۾ ۽ هڪ وڏي آبادي جي صوبي ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز جي ماني??رن?? جي عمل کي ذميواري سان سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ڊي جي پي آر نه رڳو چينلز تي نشر ٿيندڙ خبرن جي مواد جي ماني??رن?? ڪري ٿو پر ٽاڪ شوز جو پڻ عوامي نقطه نظر جي حوالي سان جائزو ورتو وڃي ٿو. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ماني??رن?? جي حوالي سان جديد ٽيڪنالاجي ۽ اسڪلز جي حوالي سان سکڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن.
ڊي جي پي آر لاهور جي وفد جي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جو دورو
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن