اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب ناليواري شاعر، اديب، ڊراما نگار امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عوام جي حقن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ هڪ وڏو انسان اڄ دنيا مان رخصت ٿي ويو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي ??زير مريم اورنگزيب چيو ته امجد اسلام امجد پنهنجي زندگي جا 50 سال اردو ادب کي ڏئي اسان جي لاءِ قيمتي سرمايو ڇڏي ويو آهي. ”وه نصيب ڪي بارشين ڪسي اور ڇت پي برس گئين“ هڪ نسل کي ياد آهي. هن چيو ته 1980ع ۾ ان جو مشهور ڊرامو وارث اڄ به هڪ شاهڪار مڃيو وڃي ??و. ??دب جي دنيا ۾ امجد اسلام امجد جو نالو سدائين زندهه رهندو. الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado