اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پا??ستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيراعظم کي قطر جي امير جو نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخ جي ڪامياب ترين فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قطر کي مبارڪباد ڏني ۽ ورلڊ ڪپ دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي پا??ستاني سيڪيورٽي فورسز جي اهم ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي مل??ن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائرا??ن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انهن لاڳاپن کي ٺوس اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي ان ??لس??ي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبن ۽ افرادي قوت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. قطر نار خطي ۾ پا??ستانين جي هڪ وڏي آبادي رکندڙ مل?? آهي. پا??ستان ۽ قطر جا لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي مل??ن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪن ٿا.
وزيراعظم سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش