اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي من??قلي جي انقلا??ي قدم سان درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، بجلي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن کي استعمال ۾ آڻڻ س??ن توانائي جي تحفظ جي معاملي ۾ ملڪ پاڻڀرو ٿيندو ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪري سگهبو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته حڪومت سولرائيزيشن جي من??وبي جي پهرين قدم جي طور تي اپريل 2023ع تائين سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي من??ق ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان انقلا??ي قدم س??ن توانائي جي درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي سيڪريٽرين سان ملاقات ۾ ??ن سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ فعال قيادت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ان حوالي سان پوري عمل ??ي شفافيت، پري ڪواليفيڪيشن ۽ ٿرڊ پارٽي آڊٽ يقيني بڻائي ويندي، اسان سرڪاري ملازمن جي محنت جو اعتراف ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته درآمدي توانائي جي لاڳت اٽڪل 27 بلين ڊالر ساليانو آهي، ??ن تي دارومدار غيرپائيدار آهي. هن چيو ته بجلي جي مقامي ۽ قابل تجديد ذريعن مان فائدو کڻڻ تي حڪومت جي ڌيان س??ن توانائي جي تحفظ جي معاملي ۾ ملڪ کي پاڻڀرو بڻائڻ ۽ عام ماڻهو کي وڏي پئماني تي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن جي سمورين سرڪاري عمارتن جي شمسي توانائي تي منتقلي جي انقلابي قدم سان درآمدي بل کي گهٽ ڪرڻ ۽ سستي ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ریل رش