سرينگر – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ ڪارو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، جنهن جو مقصد دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيڻ آهي ته ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي ??يرقانوني طور تي ۽ ڪشميرين جي امنگن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي ڪال ڪل جماعتي ??ريت ڪانفرنس ??ني آهي. 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي فوج جي جارحيت ۽ ??ري??در مودي جي شيطاني ڀارتي ??ڪومت پاران 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي مذمت لاءِ اڄ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مارچ، ريليون ۽ سيمينار منعقد ڪيا پيا وڃن. ڪل جماعتي ??ريت ڪانفرنس سرينگر ۾ هڪ ??يان ۾ ڪشميرين کي چيو ته اهي اڄ دنيا کي اهو با??ر ڪرائين ته ڪشمير کي ڀارت جي غلامي کان آزاد ڪرائڻ تائين اهي سک سان نه ويهندا. بيان ۾ چيو ويو ته 27 آڪٽوبر ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ هڪ ڪارو ڏينهن آهي.
ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين ڪارو ڏهاڙو ملهايو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں