اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم گذريل سالن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۾ٿيندڙ مستحڪ?? اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت سميت ڪڻڪ جي پيداوار، چوپائي مال سميت لائيو اسٽاڪ، ت??ليمي ۽ تڪنيڪي تعاون، سڌوسنئون مختلف شعبن ۾ تعاون کي و??يڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش ۽ عزم کي ورجايو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٻطرفن لاڳاپن کي و??يڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ افغانستان مان پنهنجي شهرين ۽ ٻين ماڻهن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان جي بطور سهولتڪار ڪرار تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان تعاون تي روشني و??ي جيڪو پاڪستان افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان عالمي برادري سان جاري رکيو. وزيراعظم وڌيڪ چي?? ته پاڪستان ڀارت سان برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي اصولن تي ٻڌل پرامن لاڳاپن جو خواهشمند اهي. ان ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻو ۽ پرامن حل لازمي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي ان سلسلي ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ آسٽريليا ۽ پاڪستان جي و?? م موجود لاڳاپن کي و??يڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : loteria estadual