ڪوئيٽا – 01 – آگسٽ (اي پي پي) روينيو واري ??وبائي وزير مير سڪندر خان عمراڻي چ??و آهي ته ڀارتي فورسز پاران ڪشميري ??وام تي ظ??م ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آهن، اسان ڪشميري ??وام تي ظ??م ۽ تشدد جي ڀرپور ??ذمت ڪريون ٿا ۽ انهن جي خودمختياري ??ي حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي سطح تي حمايت جاري ??کڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. 5 آگسٽ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ بلوچستان جي روينيو واري وزير چيو ته ڀارت سمورا انساني حق لتاڙيندي ڪشمير جي علائقي ۾ زبردستي پنهنجي فوج داخل ڪئي ۽ اتان جي عوام کي پنهنجي خودمختياري ??ي حق کان محروم ڪري ڇڏيو، اڄ 76 سال گذرڻ جي باوجود ڪشميري ??وام جهڙي طرح ڀارتي سرڪار جي ظ??م ۽ ڏاڍ جو شڪار آهي، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، بزرگن، جوانن، عورتن ۽ ايستائين جو معصوم ٻارن کي بيدردي سان قتل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو به رڳو ان لاءِ ته اهي پنهنجي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهن. مير سڪندر خان عمراڻي چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ جي لاءِ ڀارت روزانو نوان حربا استعمال ڪري ??ه??و آهي، جهڙي طرح والاريل ڪشمير جي معصوم عوام پنهنجي آزادي جي جدوجهد لاءِ ڀارتي فوج جو مقابلو ڪري ??هي آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله انهن جي جدوجهد ضرور ڪامياب ٿيندي ۽ امن ۽ خوشحالي سان هڪ نئين ۽ آزاد زندگي جو سفر شروع ڪندا. هن چيو ته عالمي دنيا جو فرض آهي ته اها به والاريل ڪشمير جي مظلوم عوام جو آواز بڻجي ته جيئن ڀارت تي اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ته دنيا رياستي ڏاڍ جي خلاف ۽ والاريل ڪشمير جي عوام سان گڏ آهي ۽ انهن جي اصولي موقف جي تائيد ڪري ٿي، والاريل ڪشمير جي عوام هاڻي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري مان اميد لڳائي ويٺي آهي ته اهي انهن جي قسمت جو فيصلو حق ۽ اصولن جي بنياد تي ڪن ۽ ڀارت جي ظ??م ۽ ڏاڍ کان انهن کي ڇوٽڪارو ڏيارين.
ڀارتي فورسز پاران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان لکيا ويا آهن: صوبائي وزير مير سڪندر خان عمراڻي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر