اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبر??خت??نخوا پوليس جي سب انسپيڪٽر سحر گل جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي گهروارن ۽ ٻارن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??نه??جي ٻارن کي اسڪول کان وٺڻ لاءِ ويندڙ والد جي شهادت تي افسوس آهي، وزيراعظم خيبر??خت??نخوا ۾ پوليس اهلڪار?? تي وڌندڙ حمل?? تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته خيبر??خت??نخوا جو وڏو وزير صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تي ڌيان ڏي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته شهيد پوليس سب انسپيڪٽر کي شهداءَ پيڪيج ڏنو وڃي، ٻارن جي تعليم ۽ گهروارن جي ڪفالت يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف، انجنيئر امير مقام کي شهيد پوليس اهلڪار لاءِ مالي مد?? کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي، وزيراعظم شهيد پوليس اهلڪار جي درجن جي بلندي ۽ گهروارن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي.
وزيراعظم پاران خيبرپختونخوا پوليس جي سب انسپيڪٽر سحر گل جي شهادت تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا