اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي 8 مارچ تي سبي ضلعي ۾ خودڪش حملي ۽ 21 مارچ تي باجوڙ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وا??ثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري شهيدن جي عظيم قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيا?? موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري خودڪش حملي ۾ پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي سندس وا??ثن سان همدري جو اظهار ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. صدر شهيدن جي ۽ انهن جي خاندانن کي وطن خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ تي شهيدن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار عبداللطيف ۽ نائيڪ وحيد الله جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن سپاهي عبدالجمال ۽ سپاهي سبطين حيدر جي پوئينرن سان به ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، صدر 21 مارچ تي باجوڙ ۾ شهيد ٿيند??ن جي پوئينرن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي، صدر سپاهي ڪامران خان۽ نائب صوبيدار اشتياق احمد جي وا??ثن سان به ٽيلفونڪ رابطو ڪيو. صدر شهيدن جي بلند درجن ۽ پوئينرن لاءِ صبر ۽ جميل جي ??ه دعا ڪئي.
صدر پاران شهيد جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری