اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اڄ خوشي جو ڏينهن آهي، وزيراعظم عمران خان پنهنجو واعدو ??فا ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي هر خاندان کي ساليانو 10 لک تائي?? مفت علاج لاءِ هيلٿ ڪارڊز ملي ويا آهن. مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد ۽ ٿرپارڪر کانپوءِ پنجاب کي به صحت ??ون بهترين سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي هر خاندان يعني 100 سيڪڙ?? آبادي کي ساليانو 10 لک تائي?? مفت علاج لاءِ هيلٿ ڪارڊ ملي ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ