اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت جي بهتري لاءِ عورتن جي ڪردار ??هميت رکندڙ آهي، فني تربيت کي حا??ل ڪرڻ نوجوانن خاص طور تي عورتن جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، حڪومت عورتن کي معاشي طور تي بااختيار ??ڻائڻ لاءِ کين بئنڪن جي ذريعي قرض فراهم ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”خوشحال پاڪستان“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام ٽيڪينڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) فيس بڪ جي سهڪار ??ان ڪيو هو. صدر چيو ته عورتن کي تعليم حا??ل کانپوءِ عملي ميدان ۾ ڪردار ??دا ڪرڻ گهرجي، فني تربيت حا??ل ڪرڻ نوجوانن جي لاءِ گهڻي ضروري آهي، اهي ملڪ ترقي جون منزلون طئي ڪ??دا آهن جيڪي نون رجحانن کي سڃاڻي??دا آهن، 2030ع تائين دنيا کي سائبر سيڪيورٽي ۾ 4 ڪروڙ ماڻهن جي ضرورت ه??ندي، ورچوئل يونيورسٽي گهٽ پئسن ۾ معياري تعليم فراهم ڪري رهي آهي. صدر فاصلاتي تعليم جي موقعن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان جي معيشت کي اڳتي وٺي وڃن ۾ عورتن جو نمايان ڪردار هجڻ گهرجي. قائداعظم محمد علي جناح چيو هو ته جنهن قوم ۾ عورت گڏ گڏ نه هلندي اها ترقي نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته پاڪستان کي تيزي سان ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ گهرجن، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي هنرمند بڻائڻ ملڪ لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. جيڪڏهن کين هنرمند نه بڻايو ويو ته اهي معاشري تي بار ??ڻجي وينديون. هن تقريب جي انعقاد تي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) ۽ فيس بڪ جي انتظاميه کي مبارڪباد پيش ڪئي. صدر چيو ته برطانيه ۾ 1904ع تائين عورتن کي وراثت جو حق حا??ل نه هو، اسلام 14سئو سال اڳ عورتن کي وراثت ۾ حصيدار ??ڻايو ۽ کين انهن جا سمورا حق ڏنا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي بااختيار ??ڻائڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، حڪومت عورتن کي معاشي طور تي خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ قرضن جي مد ۾ جيتري رقم مختص ڪئي آهي اهي ان مان فائدو نه کڻي رهيون آهن، احساس پروگرام تحت ه??ٺين سطح تي به عورتن کي روڪ رقم ڏني پئي وڃي. صدر چيو ته پاڪستان ماضي ۾ غير هنرمند افرادي قوت کي ٻاهرين ملڪ موڪليندو رهيو آهي، اسان کي هاني هنرمند ماڻهن کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان کي 9 لک نرسن جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ هن وقت صرف 2 لک نرسون دستياب آهن، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان کي آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي ٻين شعبن ۾ موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي، سائبر سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي ماهرن جو تعداد يونيورسٽين جي مشاورت سان وڌائي سگهجي ٿي. هن چيو ته ورچوئل يونيورسٽي شاگردن جي داخلائن جي تعداد 28 هزار کان وڌائي 55 هزار ڪري ڇڏي آهي، فيس بڪ جي تعاون سان عورتن کي تربيت يافته بڻائي سگهجي ٿو، ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي تقريب ۾ ٽيوٽا کان تربيت حا??ل ڪري پنهنجي روزگار ڪمائيندڙ هنرمند عورتن ۾ سرٽيفڪيٽس به ورهايا. تقريب کي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (ٽيوٽا) جي چيئرمين علي سلمان صديق، فيس بڪ جي پبلڪ پاليسي جي مينيجر سحر طارق ۽ ٻين مقررن به خطاب ڪيو.
عورتن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea