اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت جون جي مهيني ۾ 1000 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪندي، جولاءِ ۾ ان انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو، اسپتالن جي عملي جي ضرورتن جي حوالي سا?? پڻ جائزو ور??و ويو، جنهن کي اڄ شام جو حتمي شڪل ڏني ويندي. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عم?? اين سي او سي جي اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائيندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪورونا جي حوالي سا?? انتظامن جو جائزو ور??و ويو آهي. ڪورونا جي مريضن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي جن??ن جي ڪري وڏن شهرن جي اسپتالن تي پريشر وڌي رهيو آهي. ان کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت جون جي مهيني ۾ هڪ هزار بيڊز جن ۾ آڪسيجن جي سهولت پڻ شامل آهي اهي صوبن کي ڏيڻ جي ذميواري کنئي آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں