اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي رابطا ڪميٽي ۾ سمورن صوبائي وڏن وزيرن طرفان ڪيل فيصلن تي عملدرآمد لاءِ مروجه پ??ان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سي??ٽر کي موڪليا وڃن ته جيئن فيصلن تي عملدرآمد کي موثر ۽ يقيني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي جي گڏجاڻي جي ??دارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ اين سي او سي ڪيل فيصلن تي آئنده جي لائحه عمل، سياحت جي ??عبي کي کولڻ بابت تجويزن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد جي ??والي سان غور ڪيو، اسد عمر جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبائي چيف سيڪريٽريز سان عملدرآمد لاءِ جوڙيل لائحه عمل اين سي او سي ۾ پيش ڪيو وڃي، هن خبردار ڪيو ته بازار، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبا انتهائي خطرناڪ جايون آهن جتي ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو تمام گهڻو آهي جنهن جي لاءِ ايس او پيز تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان