اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان، چين، روس، ترڪيءَ، ايران ۽ افغانستان علائقائي سلامتي، خودمختياري ۽ آزادي جي تحفظ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته دهشتگردي جو تعلق ڪنهن به مذهب، قوميت، تهذيب، ثقافت يا نسلي گروپ سان نه ڳنڍڻ گهرجي، دهشتگردي اسان جي ملڪن سميت پوري دنيا جي لاءِ گڏيل خطرو آهي، اسان ان جي ڪنهن به قسم جي مذمت ڪريون ٿا، اسان جي حڪومتن کي گهرجي ته اهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ??وس حڪمت عملي ۽ گڏيل قدمن ذ??يعي عملي ۽ ??وس قدم کڻن، پاڪستان ۽ ڀارت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي روشني ۾ عالمي ۽ علائقائي امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو پرامن حل ڪڍن، دهشتگردي جي نظرين جي پکيڙ ۽ پروپئگنڊه جي روڪٿام جو موثر تعاون ضروري آهي. اسلام آباد ۾ ??نع??د ٿيندڙ پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڄاڻي تي جاري ڪيل 29 نقاطي گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اسان بيلٽ ۽ روڊ جي منصوبي جي سپورٽ ۽ ان جي آجيان ڪريون ٿا ۽ عالمي تعاون جي لاءِ مئي 2017ع ۾ چين ۾ ??نع??د ٿيندڙ بيلٽ ۽ روڊ فورم جي ڪاميابي کي ساراهيون ٿا.
اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے