اسلام آباد – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي هروڀرو جي جارحيت ۽ والاريل ڪشمير ۾ بگڙجن??ڙ صورتحال جي ڏس ۾ اهم فيصلا ڪيا آهن جنهن تحت وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ جمعي ڏينهن ۽ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ايندڙ اڱاري تي طلب ڪري ??رتو آهي جڏهن ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي ٿيندو. وزيراعظم هائو?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم وفاقي ڪابينا جو اجلاس جمعي ڏينهن طلب ڪيو آهي جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ خراب ٿين??ڙ صورتحال ايجنڊا ۾ سر فهرست هوندي. ان کانسواءِ وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي پنهنجي دوري ۽ نيويارڪ ۾ ملڪي ۽ حڪ??متي سربراهن، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ٿيندڙ تعميري ??لاقاتن کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي غور ڪندو ته جيئن وزيراعظم جي دوري جي فائدن کي سگهه ڏئي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج