واشنگٽن – 21 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست اوڪلوهاما جي هڪ جج ڌاڙي دوران قتل جي ڏوهه ۾ 48 سالن کان قيد جوابدار کي بيگناهه قرار ڏئي بري ڪري ڇڏيو آهي. بي بي سي مطابق 70 ساله گلين ??ينمنز کي اوڪلوهاما ڪائونٽي ڊسٽرڪٽ جج بي ڏوهي قرار ڏيندي فيصلي ۾ چيو ته هن عدالت کي واضح ۽ اعتماد جوڳين ??اهدين مان پتو پيو آهي ته گلين ??يمنز کي جنهن ڏوهه لاءِ ڏوهاري قرار ڏنو ويو هو اهو هن ڪيو ئي نه هو. هلندڙ سال هڪ جج گلين ??يمنز جي ڪيس جي ٻيهر شنوائي جو حڪم ڏنو جنهن بعد جولاءِ ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. گلين ??يمنز اوڪلوهاما سٽي جي پسگردائي واري علائقي ۾ شراب جي دڪان تي ڌاڙي دوران ڪيرولين ??وراجرز جي قتل جي ڏوهه ۾ 48 سال هڪ مهينو ۽ 18 ڏينهن قيد ڀوڳيو هو.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ